سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي پيهه برقرار، عورتن جي تذليل جاري

0
499

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي پيهه برقرار آهي، انتظاميا جي بي حسي سبب ايجنٽن هٿان عورتن جي تذليل جو سلسلو پڻ جاري آهي، ڪنري، چيلهار، ڪنڊيارو ۽ ٻين شهرن ۾ انتظام اڻپورا هجڻ سبب مستحق عورتون سڄو ڏينهن انتظار ڪرڻ تي مجبور آهن، وظيفي مان ڪٽوتي جون به شڪايتون، ڪنڊيارو ۾ ٻن ڊيوائيس هولڊرز کان پوليس جي موجودگي ۾ لکين رپيا ڦر ڪيا ويا.