ٽنڊو الهيار:منشيات ڪيس ۾ گرفتار نوجوان جو لاڪ اپ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

0
384

ٽنڊو الهيار (ن پ ا) ٽنڊو الهيار پوليس طرفان مين پُڙي هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل نوجوان جو لاڪ اپ مان ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو آهي، ٽنڊو الهيار پوليس جاچ کان اڳ ئي واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو، قيدي جا وارث به ٿاڻي تي پهتا، آپگهات قرار ڏنل نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان بابر خانزادو کي پوليس گذريل رات گرفتار ڪيو، اڄ سندس لاش ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو آهي، بابر آپگهات ناهي ڪيو، پوليس کيس قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ٿاڻي تي نوجوان جا وارث روئيندي رهيا.