حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ کي هٿ سان ٻوڙائڻ خلاف داخل درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ جي فوڪل پرسن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏنا ته 15 ڏينهن بعد ٻڌڻي تي فوڪل پرسن پيش نه ٿيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي عدالت ۾ گهرايو ويندو. حيدرآباد واسي وڪيل ممتاز احمد لاشاري، ڪوٽڙي واسي مشتاق شورو، محمد اسماعيل خاصخيلي، عبدالطيف ۽ جهانزيب جي پٽيشنز تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ جي بئنچ ڪئي. وڪيلن ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ، پروانشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ، چيف سيڪريٽري سنڌ جي فوڪل پرسن سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي 15 ڏينهن دوران شهرن ۽ مهيني ۾ ڳوٺن مان ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو. ٻوڏ کي 3 مهينا گذري ويا آهن پر اڃا تائين نوشهروفيروز، ڪي اين شاهه، جوهي، سعيد آباد، ٽنڊو آدم سميت ٻين علائقن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري لکين ماڻهو رستن ۽ بندن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن جن جي حڪومت ڪا به سهائتا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇا ڪئي ته اوهان گذريل ٻڌڻي جي حڪم تي عمل ڇو نه ڪرايو آهي؟ آڊيٽر جنرل پاڪستان کان سنڌ حڪومت کي ٻوڏ متاثرن لاءِ مليل فنڊن جي فرانزڪ رپورٽ گهرائي هئي اها به اڃا تائين ناهي ملي، اوهان آڊيٽر جنرل کي عدالتي حڪمن کان آگاهه ڪريو ٻي صورت ۾ کيس ذاتي حيثيت ۾ گهرايو ويندو. عدالت پٽيشنر ۽ سندن وڪلين جي اسرار تي لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز توڙي ٻين عملدارن کي عدالتي حڪم تي عمل کي يقيني بنائڻ لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي کين 15 ڏينهن بعد رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.