کپرو (ن پ ا) کپرو ويجهو قتل ڪيل نوجوان جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، پوليس نامعلوم ماڻھن تي ڪيس داخل ڪري هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي، معاملو دٻجي ويو، خبر موجب ڳوٺ ڀٽ ڀائٽي جي رھواسي پورھيت ھوت خاصخيلي کي هڪ مهينو اڳ نامعلوم ماڻھن قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ڇڏيو هو، نوجوان جو لاش 4 ڏينهن بعد جهنگ مان مليو هو، معاملي کي ھڪ مھينو گذرڻ باوجود کاهي پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، جڏهن ته رڳو نامعلوم ماڻھن تي قتل ڪيس داخل ڪري هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي، ٻئي پاسي مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نوجوان مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو هو، اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي ظالمن بيگناهه نوجوان کي قتل ڪيو، هنن چيو ته پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي عمل ۾ ناهي آندي، هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.