ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ شهر جي لائبريري چوڪ وٽ انڊا کپائي گذر سفر ڪندڙ پورهيت ظهور ملڪ مٿان پوليس اهلڪارن جي تشدد وارو معاملو. پوليس عملدارن معاملي جو نوٽيس ورتو، الزام هيٺ آيل 2 پوليس اهلڪارن انعام گولو ۽ شهمور سبزوئي کي گرفتار ڪيو ويو. اهلڪارن مٿان پورهيت ظهور ملڪ پاران زوري انڊا کائڻ ۽ انڊا نه ڏيڻ تان ڀنڃ ڊاه ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ جو الزام هو. ان سلسلي ۾ پورهيت ظهور احمد ملڪ جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن انڊا کاڌا، پئسا نه ڏنا ۽ تشدد ڪيو هو. اهڙي معاملي جي پوليس عملدارن کي شڪايت ڪئي، جنهن بعد ٻئي پوليس اهلڪار گرفتار ڪيا ويا آهن.