سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران ايڊهاڪ جج طور حلف نه کڻڻ جو فيصلو

0
633
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ وارو معاملو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران ايڊهاڪ جج طور حلف نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سڀاڻي ايڊهاڪ جج طور حلف کڻڻ لاءِ اسلام آباد نه ويندو، چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران ايڊهاڪ جج مقرري خلاف قانوني جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ سال لاءِ ايڊهاڪ جج مقرر ڪيو ويو جنهن لاءِ صدر عارف علوي آرٽيڪل 182 تحت ايڊهاڪ جج طور مقرري جي منظوري ڏني ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، جسٽس احمد علي شيخ ٻه ڀيرا سپريم ڪورٽ جَي چيف جسٽس کي خط ذريعي ايڊهاڪ جج طور ڪم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري چڪو آهي، سپريم ڪورٽ جَي ترجمان چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان سڀاڻي جسٽس احمد علي شيخ کي ايڊهاڪ جج طور حلف کڻائيندو، جڏهن ته سنڌ جي وڪيلن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ايڊهاڪ جج طور مقرري خلاف احتجاج جو سلسلو به جاري آهي.