هاءِ ڙي قسمت!! استعمال ٿيل فرج شهري کي رات وچ ۾ ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو

0
868

سيئول (دلچسپ نيوز) قسمت جي ديوي مهربان، استعمال ٿيل فرج شهري کي رات وچ ۾ ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ شهري آن لائن فرج خريد ڪري گهر آندو، صفائي دوران ان مان پيسن جي ڳٺڙي هٿ آئي، فرج جي هيٺئين حصي ۾ ٽيپ سان ڳنڍيل ان ڳٺڙي مان 95 هزار آمريڪن ڊالر(هڪ ڪروڙ 56 لک رپيا) مليا.شهري فوري طور پوليس کي اطلاع ڪيو، اهلڪارن رقم تحويل ۾ وٺڻ بعد ان جي مالڪ جي ڳولا ڪئي، پوليس رقم جوڪوبه ملڪ ظاهر نه ٿيڻ بعد قانوني طور ان شهري کي مالڪ قرار ڏئي رقم واپس ڪري ڇڏي، قسمت جي ديوي شهري کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو جڏهن ته کيس ان رقم جو 22 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان شهري جو چوڻ آهي ته مون زندگي جا انتهائي ڏکيا ڏينهن گذاريا آهن هاڻي رقم ملڻ بعد هو مستقبل لاءِ بهتر رٿابندي ڪري سگهي ٿو.