ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن وفاقي حڪومت طرفان آرمڊ فورسز بابت ترميمي بل منظور ڪرائڻ خلاف هر فورم تي مخالفت ۽ مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آرمڊ فورسز به استادن، پوليس ۽ هيلٿ ورڪر ملازمن وانگر قوم جي خدمت ڪنديون آهن، عوام جي نظر ۾ سڀ احترام لائق آهن. پنهنجي پڌرائي ۾ بار ڄاڻايو آهي ته جمهوري ملڪ جي شهري جي حيثيت سان عوام کي ڪنهن تي به تنقيدي راءِ ڏيڻ جو حق آهي،هاءِ ڪورٽ بار سمجهي ٿي ته اهڙي قسم جي ترميم اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا تي وار آهي، بار موجب ڄاڻايل ترميم آئين جي آرٽيڪل 19 جي خلاف آهي،