ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو ڪوئيٽا ايمپلائيز گرينڊ الائينس کي 12 ڏينهن کان هلندڙ ڌرڻو فوري طور ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ ملازمن کي چيو ته اوهان ڌرڻو هڻي شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ملازمن جون تنظيمون مافياز جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ملازمن جي وڪيلن چيو ته ملازم ويچارا آهن، اهي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪير به ويچارو ناهي، سڀ وظيفه خور آهن، اهڙو رستو ڪڍڻ چاهين ٿا جنهن سان حڪومت ۽ ملازمن کي رليف ملي. عدالتي ڪارروائي دوران ئي ايمپلائيز گرينڊ الائنس ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.