سنڌ هاءِ ڪورٽ، عوام کي ڪورونا کان بچاءَ جي وئڪسين نه ڏيڻ خلاف درخواستن تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو

پاڪستان وئڪسين جا 10 لک ڊوز گهرائي رهيو آهي:وفاقي سرڪار جو نمائندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، عوام کي ڪورونا کان بچاءَ جي وئڪسين نه ڏيڻ خلاف درخواستن تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو، ڪيس جِي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جَي نمائندي ٻڌايو ته پاڪستان وئڪسين جا 10 لک ڊوز گهرائي رهيو آهي، 30 لک واڌو به گهرايا ويندا، جسٽس امجد سهتو ريمارڪس ڏنا ته بنگلاديش جهڙي ملڪ ۾ ساڍا 3 ڪروڙ  ماڻهن کي وئڪسين لڳائي وئي، اسان رڳو 10 لک ڊوز گڏ ڪيا آهن، حڪومت سڌي ڳالهه ڇو نٿي ڪري، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته حڪومت پاڻ ڪجهه ڪرڻ بدران خيرات ۾ مليل وئڪسين ڏئي رهي آهي.