ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) 3 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل گمبٽ واسي چارئي فنڪار ڪنڌڪوٽ جَي ڪچي مان بازياب، ڪنڌڪوٽ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته، ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ سبب ڌاڙيل مغوين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي مقابلو ڪيو، جنهن بعد ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا، بازياب ٿيلن ۾ مزمل، اخلاق، دربان ۽ سهيل ڀٽي شامل آهن.