ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير صحافي اجي ڪمار لالواڻي جي قتل معاملي جي شفاف جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم يا جوڊيشل انڪوائري بابت آءِ جي کي خط لکي ڇڏيو، سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي صدر غازي جهنڊير جي درخواست تي وڏي وزير آءِ جي خط لکيو، خط موجب اجي لالواڻي معاملي جي شفاف انڪوائري لاءِ قانوني ڪارروائي ڪريو.