سنڌ سيڪريٽريٽ به غير محفوظ بڻجي ويو

0
307

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سيڪريٽريٽ انتظامي غفلت سبب چورن جي رحم  ڪرم تي اچي ويو آهي

سنڌ سيڪريٽريٽ جي بيرڪ نمبر 16 ۾ چور سمورين آفيسن جي ايئرڪنڊينشنڊ جون ٽامي واريون تارون ڪٽي ويا آهن

چوري جي واردات سبب اينٽي ڪرپشن جي انويسٽيگيشن آفيسر سميت ٻين سرڪاري آفيسن جا اي سي بند پيل آهن

لاڳاپيل آفيسن ۾ چوري جي واردات سبب عملو ۽ آفيسر گرمي سبب آفيسن مان غائب ٿي ويو، جڏهن ته عوامي ڪم به رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن

مڪاني ادارن واري کاتي سميت ٻين سرڪاري آفيسن ۾ چوري جي ٽئين واردات سامهون آئي آهي، جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران چوري جون شڪايتون ملڻ باوجود ڪي قدم نه کنيا ويا

هي به پڙهندا

سنڌ جا وڌيڪ ڪيترائي شهر ٻڏي ويا