سنڌ جا وڌيڪ ڪيترائي شهر ٻڏي ويا

0
329
سنڌ ۾ چوماسي جا وسڪارا جاري، وڌيڪ ڪيترائي شهر ٻڏي ويا
سنڌ ۾ چوماسي جا وسڪارا جاري، وڌيڪ ڪيترائي شهر ٻڏي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چوماسي جا وسڪارا ٽئين ڏينهن به جاري، وڌيڪ ڪيترائي شهر برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا

ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات، حيدرآباد ۾ ٽئين ڏينهن به وسڪارن کانپوءِ وڌيڪ ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا

حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ، آٽو ڀان روڊ، فتح چوڪ، اسٽيشن روڊ، مڪي شاهه روڊ ۽ گدو چوڪ سميت ٻين علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو

ميئر ۽ انتظاميا پاران شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ وارين ڪوششن تي حيسڪو پاڻي ڦيري ڇڏيو، رات کان سيفٽي ڄاڻائي شهر جا 50 کان وڌيڪ فيڊر بند ڪرڻ سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو عمل سخت متاثر رهيا

 دادو شهر جي مک بازار سميت مختلف علائقا ڍنڍون بڻجي ويا، ڪوٽڙي ۾ سڄي رات وسڪارن کانپوءِ شهر ۾ پاڻي بيهجي ويو، شهري گهرن تائين محدود، سکر جي پراڻي سکر، جبل روڊ، گهنٽا گهر، وسپور محلا ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻيءَ جا تلاءَ ٺهي ويا

ڀان سيد آباد، ميهڙ، باڊه، ٺري ميرواهه، ٽنڊو ڄام ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات، ٽنڊو آدم، ڄام نواز علي، نصير آباد، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن مان به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ٺري ميرواهه ۽ ميهڙ شهر به برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، پوليس اسٽيشن ۽ ٻيون عمارتون  ۽ روڊ رستا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

هي به پڙهندا

ڳوٺ ٻڏي ويا پر گهارا بند نه ٿي سگهيا