توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽن درخواستن تي فيصلو محفوظ

0
271
عمران اسٽبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي: حڪومت سنجيده آهي ته شرط طئي ڪري: پي ٽي آءِ
عمران اسٽبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي: حڪومت سنجيده آهي ته شرط طئي ڪري: پي ٽي آءِ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽن درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

ٽنهي درخواستن جي ٻڌڻي هلائيندڙ چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجا حارث کي ڏسي مرڪندي چيو ته “گـــُڊ ٽو سِي يُو”، خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته اسان ٽرائل ڪورٽ جي 21 جولاءِ تي آڏي پڇا دوران جاري ٿيل آرڊر چئلينج ڪيو آهي

هن چيو ته  اسان جو آڏي پڇا دوران اعتراض هو ته توشه خانه ڪيس جي ڪارروائي جو ريڪارڊ گهرايو وڃي، هن ڪيس ۾ اسان جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي توشه خانه واري ڪارروائي استعمال ڪئي پئي وڃي، اليڪشن ڪميشن ڪارروائي دوران توشه خانه جا تفصيل طلب ڪيا هئا

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان جي خلاف جڏهن ريڪارڊ استعمال ٿي رهيو آهي ته پوءِ اهو ريڪارڊ طلب به ٿيڻ گهرجي

 خواجا حارث توشه خانه فوجداري ڪيس ٻڌندڙ ايڊيشنل سيشن جج تي اعتراض واري درخواست تي به دليل ڏنا، خواجا حارث چيو ته جج جي فيس بوڪ اڪائونٽ تي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف پوسٽون رکيل آهن

  چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته مون ان بابت نه ڏٺو آهي، خواجا حارث چيو ته توهان ضرور ڏسجو، ايف آءِ اي وٽ ته سمورو سيل آهي، عدالت ٽنهي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

هي به پڙهندا

عمران خان کي گرفتاري ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم