سنڌ سميت ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ مذهبي جماعت جا ڌرڻا

0
345

ڪراچي/ لاهور(نمائيندن وٽان) سنڌ سميت ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ مذهبي جماعت جا ڌرڻا ٽئين ڏينهن به جاري آهن، پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪرين دوران هيل تائين 2 پوليس اهلڪارن سميت 5 کان وڌيڪ شهري اجل جو شڪار ۽ 97 اهلڪار زخمي ٿي چڪا، ڪراچي، لاهور، فيصل آباد ۾ چڪرين دوران پوليس اهلڪارن جون ورديون ڦاڙيون ويون، اهلڪارن مٿان سخت تشدد ڪيو ويو، اڄ لاهور جَي مختلف هنڌن تي ڌرڻن سبب ٽريفڪ معطل آهي، يتيم خانه ۽ اسڪيم موڙ روڊ اڃا تائين بند هجڻ ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، راولپنڊي ۾ مري روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو، فيض آباد انٽر چينج وٽ ٽريفڪ جي روانگي متاثر آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل سميت مختلف روڊن تي ٽريفڪ بحال ڪرائي وئي آهي.