بابر اعظم ويرات ڪوهلي کان نمبر ون پوزيشن کسي ورتي

0
675

لاهور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي پاران نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم پهرين نمبر تي اچي ويو، هن کان اڳ ڀارتي رانديگر ويرات ڪولهي 5سالن کان پهرين نمبر تي قابض هو، 2003 ۾ محمد يوسف پهرين پوزيشن ماڻي هئي، جنهن بعد هاڻي بابر اعظم پهرين نمبر ۽ فخر الزمان ستين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته ويرات ڪولهي ٻئي، روهت شرما ٽئين، روز ٽيلر ڇوٿين، ايرون فنچ پنجين نمبر تي موجود آهي، جوني برسٽو ڇهين، فخر زمان ستين، ڊوپليسي ۽ اٺين، ڊيوڊ وارنر نائين ۽ شائي هوپ ڏهين نمبر تي موجود آهي.