سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ مسيحي برادري پاران ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهايو ويو

0
71

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ مسيحي برادري پاران ڪرسمس جو ڏهاڙو مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون

سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران ڪرسمس جي موقعي تي ڪراچي ۾ سينٽ پيٽرڪ ڪيٿڊرل چرچ جو دورو ڪيو ويو آهي

اقليتي معاملن وارو وزير محمد احمد شاهه ۽ ٻيا به ساڻس گڏ چرچ پهتا، چرچ پهچڻ تي بشپ بيني ماريو پاران آجيان ڪئي وئي

وڏي وزير ۽ ٻين مسيحي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏنيون، حيدرآباد ۾ مسيحي برادري پاران گرجا گهرن ۾ پهچي عبادت ڪئي وئي

گهرن ۾ ڪرسمس ٽريز سجايا ويا، سکر جي سينٽ سرويئر چرچ ۾ ڪرسمس جي مک تقريب ٿي،عورتن ۽ ٻارڙن به دعائيه تقريب ۾ شرڪت ڪئي

سنڌ سميت ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون