باني پاڪستان قائد اعظم جي 148هين جنم ڏهاڙي تي تقريبون

0
57

پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو 148هون جنم ڏهاوڙ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

قائد اعظم 25 ڊسمبر 1876 تي ڪراچي ۾ جنم ورتو، محمد علي جناح شروعاتي تعليم سنڌ مدرسته الاسلام مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ جو امتحان بمبئي مان پاس ڪيو

قائد اعظم 1895 ۾ لنڊن مان قانون جي ڊگري ماڻي ۽ بمبئي اچي وڪالت شروع ڪئي، محمد علي جناح سياسي ڪيريئر جي شروعات 1896 ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شموليت سان ڪئي، 1913 ۾ قائد اعظم آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي

قائد اعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن لاءِ اڻٿڪ جاکوڙ ڪئي، قائداعظم ۽ ٻين اڳواڻن جي ڪوششن سان 14 آگسٽ 1947 تي پاڪستان وجود ۾ آيو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو ڌار وطن وارو خواب پورو ٿيو