ڏيڍ سال کان بند بولان ميل ٽرين بحال

0
82

پاڪستان ريلويز ڏيڍ سال اڳ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب بند ڪيل  ٽرين بولان ميل کي بحال ڪري ڇڏيو آهي

ريلوي کاتي جو چوڻ آهي ته بولان ميل کي نئين ڊائننگ ڪار سان گڏ هلايو پيو وڃي

ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين هلندڙ بولان ميل اڄ صبح 10 وڳي ڪوئيٽا مان رواني ٿي، بولان ميل جي بحاليءَ لاءِ سيتا روڊ، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج به ڪيا ويا هئا

حبيب ڪوٽ کان ڪوٽڙي ۽ دادو کان لاڙڪاڻي تائين شهرين پاران ٻيهر بولان ميل هلڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي