عام چونڊون: 28 هزار 626 اُميدوارن نامزدگي فارمز جمع ڪرايا

0
54
اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو
اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ 28 هزار 626 اُميدوارن پاران نامزدگي فارمز جمع ڪرايا ويا آهن

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن لاءِ 7 هزار 242 مرد ۽ 471 عورتن نامزدگي فارم جمع ڪرايا

قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ 449 ۽ اقليتن جي سيٽن لاءِ 10 عورتن سوڌو 150 اميدوارن پاران نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا

سنڌ اسيمبلي لاءِ 15 سئو 71 مرد ۽ 110 عورتن نامزدگي فارم جمع ڪرايا، نامزدگي فارمز جي ڇنڊڇاڻ 30 ڊسمبر تائين جاري رهندي

نامزدگي فارم رد يا منظور ٿيڻ خلاف اپيلون 3 جنوري تائين داخل ڪري سگهبيون، اميدوار 12 جنوري تائين نامزدگي فارم واپس وٺي سگهندا

اليڪشن ڪميشن موجب 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، 8 فيبروري تي سموري ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي