پي ٽي آءِ جو بيٽ جو نشان واپس وٺڻ لاءِ عدالت سان رابطي جو فيصلو

0
54

پي ٽي آءِ پاران بئٽ جو نشان واپس وٺڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ ترجمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ نشان واپس وٺڻ خلاف سڀاڻي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي

پٽيشن ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي ويندي

 پي ٽي آءِ ترجمان موجب پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن غيرقانوني فيصلو ڪيو جاري ڪيو آهي

اڻ لاڳاپيل ماڻهو جي درخواست تي چونڊ نشان واپس وٺڻ غيرقانوني آهي، عدالت کان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي ويندي