سنڌ جي ٻوڏ سٽيل 9 لک 50 هزار خاندانن کي راشن ڏئي چڪا آهيون:شرجيل ميمڻ

0
240

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته نئين آڊيو ليڪس عمران خان کي عوام آڏو وڌيڪ وائکو ڪري ڇڏيو، عمران خان قوم ۽ ادارن سان لاڳيتو کيڏندو پيو اچي، اهڙي سازشي شخص کي هاڻي سزا ملڻ گهرجي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي ٻوڏ سٽيل 9 لک 50 هزار خاندانن کي راشن ڏئي چڪا آهيون، 3 لک 55 هزار خيما، 3 لک 57 هزار ترپالون ۽ 23 لک مڇردانيون ورهايون ويون آهن

پريس ڪانفرنس دوران شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تھ خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سستي اٽي جي 80 سيڪڙو اسٽالن کي اٽو فراهم ڪيو ويو  آهي، رهيل اسٽالن کي  سڀاڻي تائين اٽو فراهم ٿي  ويندو

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

جهڏو تعلقي ۾ اڃا ٻوڏ واري صورتحال، ڪيترائي علائقا سمنڊ بڻيل