جهڏو تعلقي ۾ اڃا ٻوڏ واري صورتحال، ڪيترائي علائقا سمنڊ بڻيل

0
285
جهڏو تعلقي ۾ اڃا ٻوڏ واري

جهڏو (ن پ ا) جهڏو تعلقي ۾ اڃان تائين ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، شهر جا ڪيترائي علائقا شيدي پاڙو، هاشم ڪالوني، اسلم ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ اڃان تائين پاڻي بيٺل هجڻ ڪري سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن

تعلقي جي چار يوسيز روشن آباد، باکر، مير خدابخش 2، مير الهبچايو تالپر جا سوين ڳوٺ اڃان تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن

پراڻ ڍورو جي پاڻي جي سطح ۾ به لاٿ نه اچي سگهي آهي جنھن سبب شهري علائقن ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي جنهن سبب هزارين بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرين روڊ رستن تي دربدر بڻيل آهن

متاثرن جي سرڪاري طور واهر نه ٿيڻ سبب متاثر خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن جڏهن ته انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي

ٻئي طرف پاڻي هيٺ آيل علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايم اي پاران موڪليل هيوي مشينري گذريل 11 ڏينهن کان ڊي سي ميرپورخاص جي آفيس ۾ بيٺل آهي

مليل ڄاڻ موجب پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ 12 هيوي مشينون موڪليون ويون هيون جنهن مان 10 مشينون گذريل 11 ڏينهن کان ميرپورخاص ڊي سي آفيس ۾ پيل آهن ۽ متاثر علائقن ڏانهن نه موڪليو ويو

جڏهن ته مشينري ۽ آپريٽرن جو خرچ به روزانو جي بنياد تي ضلعي انتظاميا برداشت ڪري رهي آهي، مشينري کي ڪم لاءِ استعمال نه پيو ڪيو وڃي جنهن سبب ٻڏل علائقن جا ماڻهو سخت پريشان بڻيل آهن

 متاثرن جو سرڪار کان مطالبو آهي ته علائقن مان جلد پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ۽ نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري عذاب کان بچايو وڃي

ھي به پڙھندا

پاڪ فوج جا جوان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ امدادي سرگرمين ۾ مصروف

ڊي سي هڪ ڪلاڪ ۾ پيش ٿئي، نه ته وارنٽ جاري ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ