پاڪ فوج جون سموريون فارميشنز هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهن: آرمي چيف

0
259
پاڪ فوج سياست کان پري ٿي چڪي
=

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آھي تھ پاڪ فوج جون سموريون فارميشنز هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ رهن

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ ھو تھ دهشتگرديءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏينداسين

جڏھن تھ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس طرفان ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار، آرمي فارميشنز کي ٻوڏ متاثرن جي جلد بحالي جي هدايت ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

آرمي چيف پاران محمد بن سلمان کي سعودي جو وزيراعظم ٿيڻ تي واڌايون