ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم۽ نظير ميمڻ) سنڌ ۾ سمورن مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن (يوسي چيئرمينن،  ضلعي توڙي عام ڪائونسلرن کي اڄ حلف کڻايو ويندو، تياريون مڪمل، سيڪيورٽي جا انتظام سخت، ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پھرين ۽  ٻئي مرحلي توڙي ننڍي چونڊ ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن، 5 ميونسپل ڪارپوريشنن، 24 ضلعي ڪائونسلن، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن، ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين جي ميمبرن، يوسي چيئرمينن کي قسم کڻايو ويندو، سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٻن مرحلن ۾ ٿيون، جنھن کانپوءِ ضمني چونڊون 7 مئي تي ٿيون، سنڌ جا پھرين فيز ۾ ڪامياب ٿيندڙ مڪاني نمائندا 11  ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جا چونڊيل نمائندا چئن مھينن کانپوءِ حلف کڻي رھيا آھن، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن پاران حلف برادري جي تقريبن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، جڏھن ته سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آھن، واضح رھي تھ اليڪشن ڪميشن جي ھدايتن تي رٽرننگ آفيسرز جون آفيسون آچر ڏھاڙي به کليل رھيون، اليڪشن ڪميشن پاران سرڪاري آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪئي وئي آھي ته مڪاني چونڊن جي نتيجن بابت ڪنھن بھ سياسي پارٽي يا اميدوار کي ڪا به ڳجھي معلومات ڏيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.