لاهور (م ڊ) لاهور ۾ ٻن ڏينهن واري جوڊيشل ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم ااختر افغان خطاب ڪندي چيو ته  ججز تقريرنه فيصلا ڪندا آهن، جسٽس نعيم اختر افغان وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي مصالحتي ڪيسن ۾ تمام پوئتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عدنان اقبال چيو ته  رول آف لا ءِ۽ رول باءِ لا ۾ فرق آهي. هن چيو ته قانون جي بالا دستي  يقيني بڻائڻي پوندي. جسٽس عدنان اقبال وڌيڪ چيو ته  رول ف لا جو مطلب اهي قانون سڀني لاءِ برابر آهي. رول باءِ لاءِ جو مطلب آهي طاقت جو استعمال ڪرڻ. نوجوان وڪيل رول آف لا ۽ رول بءِ لا جو فرق سمجھن.سپريم ڪورٽ جي جسٽس تصدق حسين جيلاني چيو ته وائيٽ ڪالر ڏوهن بابت ججن کي به گھڻي تربيت ناهي: تصديق حسين جيلاني وڌيڪ چيو ته ريڪوڊڪ ڪيس اسان جي قانوني ٽيم جي ڪمزور تياري جي نشاندهي ڪئي. چيف جسٽس پاڪستان کي درخواست آهي ته ججز جي بين القاقوامي تربيت ڪرائڻ جو بندوبست ڪري. هن چيو ته جي ڪي به ماڻهو ڪرپشن ۾ ملوث آهن انهن کي خدا جو خوف ئي ناهي، اڄ تائين اينٽي ڪرپشن جا ڪيس ڪيئي سال پراڻي فارمولي تحت ٽرائل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن تي موت جي سزا رکي وڃي ته ڪرپشن جو خاتمو ٿي ويندو.  هن وڌيڪ چيو ته نيب پنهنجي پراسيڪيوٽر جو هڪ مضبوط سروس اسٽرڪچر ناهي بڻايو. عدليه ۽ فوج جي احتساب جا پنهنجا قانون آهن. جامع قانون بڻائڻو پوندو جنهن تحت سڀني جو احتساب ٿئي.