اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪئي ملاقات ڪندڙ ججز ۾ جسٽس ميان گل حسن، جسٽس طارق محمود، جسٽس بابر ستار، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت امتيار شامل آهن، ڊان نيوز جي ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جعمي ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي، ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڀاڻي 22 مئي تي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيندي، چيف جسٽس ۽ جسٽس فائز عيسيٰ کي ان جي دعوت ڏني وئي، اندروني ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پاران اڳ ئي چيف جسٽس آف پاڪستان کي دعوت نامو ڏنو ويو جنهن ڪري هن  ملاقاتن کي معمولي دعوت نه پيو سمجهيو وڃي مبصرين ان کي سپريم ڪورٽ وانگر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به تقسيم طور ڏسي رهيا آهن ، 9مئي تي عمران خان جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ رينجرز ذريعي گرفتاري بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان جي گرفتاري قانوني قرار ڏني هئي 10 مئي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ان وقت تڪرار پيدا ٿي ويو هو جڏهن سينئر جج مبينا ڌيءُ لڪائڻ واري ڪيس ۾ هڪ نامڪمل حڪمنامو جاري ڪيو هو جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پهريان ئي بينچ ٽوڙي ڇڏي هئي، ذريعن موجب چيف جسٽس عمر عطا بنديال اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي غير حاضري جي باري ۾ پڇا ڪئي ته وفد کيس ٻڌايو ته جسٽس عامر فاروق شهر کان ٻاهر آهي ذريعن موجب ججز پي ٽي آءِ بابت ڪيسز تي اعليٰ عدليه جي ردعمل ۽ رياستي ادارن ۽ حڪمران اتحاد جي ردعمل تي غور ڪيو.