ڪراچي: مڪاني ادارن جي مخصوص سيٽن تي ڪامياب اميدوار 10 جون تي حلف کڻندا،  ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊيول موجب سنڌ ۾ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، 5 ميونسپل ڪارپوريشنن، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن، ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين، ضلعي ڪائونسلن ۽ يوسيز ۾  عورتن، نوجوانن، اقليتن، پورھيتن، معذورن ۽ کدڙن فقيرن  لاءِ مخصوص سيٽن تي اڻ سڌي چونڊ لاءِ اڄ 22 کان 24 مئي تائين نازدگي فارم داخل ڪيا ويندا، 25 کان 26 مئي تي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي، جڏھن تھ اميدوارن جا نامزدگي فارم رد يا منظور ٿيڻ بابت آر اوز جي فيصلن خلاف اپيلون 27 کان 29 مئي تائين ڪيون وينديون، 30 کان 31 مئي تائين اپيلن جو فيصلو ٿيندو، 2 جون تائين اميدوار ھٿ کڻي سگھندا،ساڳئي ڏينھن اميدوارن جي حتمي لسٽون ۽ چونڊ نشان جاري ٿيندا، جڏھن تھ 3 کان 4 جون تائين سياسي پارٽين جي سيٽن جو تعين ڪري نتيجا جاري ڪيا ويندا، جنھن کانپوءِ 10 جون تي مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوار پڻ حلف کڻندا.