ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي پورھئي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته جماعت اسلامي کي ڪي ايم سي جي ايوان ۾ اڪثريت ملي ٿي ته حافظ نعيم ڀلي ميئر بڻجي، جيڪڏهن کيس اڪثريت نٿي ملي ته پوءِ  ٻين جي اڪثريت کي تسليم ڪري، حافظ نعيم هاڻ نئون الطاف حسين بنجڻ ٿو چاھي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته  ڪي ايم سي جي ميمبرن جو ڪل تعداد 367 آھي، پ پ وٽ حمايتين سان گڏ ڪل تعداد 173 آھي، جڏهن ته 191 ووٽن جي دعويدار حافظ نعيم کي سندس جماعت اسلامي جا به ڪيترائي ميمبر ووٽ نٿا ڪن، پي ٽي آءَ جي 43 ميمبرن جي اڪثريت جي اها راءِ آھي ته ھڪ پاسي ٿي ويھي رھجي، انهن ميمبرن جي اڪثريت واضح طور چيو ھو ته اھي حافظ نعيم کي ووٽ نه ڪندا، عمران خان ۽ حافظ نعيم الرحمان ٻئي مايوسي جو شڪار آھن، ھن چيو ته سنڌ حڪومت تي من پسند تڪبندين جا الزام ھڻندڙ حافظ نعيم الرحمان المعروف ميئر کي خبر ھجڻ گھرجي ته 2013ع کان اڳ تڪبنديون صوبائي حڪومت ڪندي ھئي، 10 سال اڳ پ پ سان وڌيڪ محبت ڪندڙ عدالتن اھي اختيار اليڪشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏيا، هن چيو  ته ڪراچي ۾ پ پ جي ميئر لاءِ مشاورت جاري آھي، اسانجو اڃا تائين جماعت اسلامي جي مرڪزي قيادت سان رابطو ناھي ٿيو، ھن چيو ته مڪاني قانون ۾ ڪيل ترميم مطابق ڪو به شخص بنا چونڊجڻ جي ميئر جي اليڪشن وڙھي سگھي ٿو پر کيس ڇھن مھينن اندر ڪائونسل ميمبر  ٿيڻ لاءِ اليڪشن کٽڻي پوندي