سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بجليءَ جو بحران، مظاهرا، ڳڙهي ياسين ۾ گرڊ اسٽيشن تي حملو

0
282

ڪراچي (نمائندن وٽان) بجليءَ جي بحران دادو، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن جي عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، مختلف شهرن ۾ بجليءَ جو بحران ختم نه ٿيو

بجليءَ جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب پاڻيءَ جي بحران به ڪر کنيو، ڦلجي اسٽيشن ۾ سيپڪو خلاف احتجاجي ريلي ڪئي وئي، ايوان صحافت آڏو ڦلجي-دادو مين روڊ تي شهرين طرفان ڌرڻو هنيو ويو

 مظاهرين چيو ته سخت گرميءَ ۾ بجلي نه هئڻ سبب ٻارن ٻچن سوڌو تڙپي رهيا آهيون، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيوويو

 گاجي کهاوڙ ۾ به بجليءَ جي بندش ۽ سيپڪو جي زيادتين خلاف احتجاج، شهرين پاران بس اسٽاپ وٽ مظاهرو، اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ٻئي پاسي ڳڙهي ياسين ۾ 25 کان وڌيڪ هٿياربندن جي سيپڪو جي گرڊ اسٽيشن تي چڙهائي، عملي تي تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي

 ايس ڊي او سيپڪو ڳڙهي ياسين جو چوڻ آهي ته هٿياربندن آفيس ۾ گهڙي چيو ته سون واهه فيڊر جي بجلي ڇو بند ڪئي اٿو، جوابدار عملي تي تشدد دوران سون واهه فيڊر جي بجلي بحال ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا

عملي جو چوڻ هو ته  پوليس اطلاع ڏيڻ باوجود نه پهتي، ٻيهر به حملو ٿيڻ جو خدشو آهي، سيپڪو جي عملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم