ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

0
272

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني اڏاوتن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ضلعي سينٽرل  سميت مختلف علائقن ۾ غير قانوني اڏاوتن بابت ٻڌڻي ٿي

غير قانوني اڏاوتون نه رڪجڻ تي عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي  جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته ايس بي سي اي غير قانوني اڏاوتن  کي روڪڻ ۾ ناڪام ڇو آهي؟ ڇو نه شهر ۾ غير قانوني اڏاوتن  جو ذميوار ايس بي سي اي کي  قرار ڏنو وڃي؟

عدالت ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ياسين شر کي 17 جولاءِ تي  ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ غيرقانوني  اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون وڃن، جيڪڏهن غيرقانوني اڏاوتون نه  هٽايون ويون ته ڊي جي ايس بي سي اي خلاف حڪم جاري ڪنداسين

ايس بي سي اي جو چوڻ هو ته غير قانوني اڏاوتون نه روڪڻ وارن  ذميوارن جي نشاندهي لاءِ ڪاميٽي  جوڙي وئي آهي

عدالت ڊي جي ايس بي سي اي جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ، عدالت چيو ته رپورٽ ۾ منظوري کان سواءِ اڏاوتون  ڇو ڪيون پيون وڃن؟ اهو به نه ٻڌايو ويو ته غير قانوني  اڏاوتن کي مسمار ڪرڻ ۾  ڪيترو وقت لڳندو؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته غيرقانوني اڏاوت جي گئس،  بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن  ڇو نه ختم ڪيا ويا؟ ايس بي سي اي لاءِ مخصوص پوليس فورس هجڻ باوجود ٻي فورس  جي ضرورت ڇو ٿي پوي؟ اهي سڀ وضاحتون رپورٽ جو  حصو هجڻ گهرجن