دلبر کي ڪيئن پرچائبو آ: ڪلام تي عدالت پاران گهرائڻ باوجود ممتاز مولائي پيش نه ٿيو

0
438
خيرپور: راڳي ممتاز مولائي ۽ ٻين خلاف عدالت ۾ داخل درخواست رد
خيرپور: راڳي ممتاز مولائي ۽ ٻين خلاف عدالت ۾ داخل درخواست رد

سنڌ جي راڳي ممتاز مولائي کي دلبر کي ڪيئن پرچائبو آ ڪلام ڳائڻ ڳچي ۾ پئجي ويو، عدالت پاران گهرائڻ باوجود ممتاز مولائي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، عدالت پاران 10 جولاءِ تي کيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

خيرپور ۾ مشهور راڳي ممتاز مولائي ۽ ٻين خلاف درخواست تي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي

ممتاز مولائي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش نه ٿيا، ممتاز مولائي جي وڪيلن ايڊووڪيٽ عبدالمجيب شيخ ۽ اشفاق شمس عدالت ۾ پيش ٿي 10 جولاءِ تي عدالت ۾ سندس پيشي جي خاطري ڪرائي، عدالت پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪارروائي جو چتاءُ ڏنو

خيرپور جي وڪيل ارباب جهانگير انصاري طرفان خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾ ناز پروڊڪشن جي مالڪ، ڳائڻي ممتاز چانڊيو عرف ممتاز مولائي، شاعر اياز ڀنگر، ڊائريڪٽر راجا رباني ۽ پروڊيوسر سنيل ڪمار خلاف پٽيشن داخل ڪرائي وئي هئي جيڪو ڪيس ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو

وڪيل ارباب جهانگير انصاري ممتاز مولائي جي سنڌي ڪلام “دلبر کي ڪيئن پرچائبو آ” ۾ فحش جملا استعمال ڪرڻ جي الزام هيٺ عدالت کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي

 عدالت سندس درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي سمورن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪيو هو پر انهن بجاءِ ٻيهر سندن وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو

عدالت ممتاز چانڊيو عرف ممتاز مولائي، اياز ڀنگر، ڊائريڪٽر راجا رباني ۽ پروڊيوسر سنيل ڪمار کي ٽيهر 10 جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

تنقيد سان فرق نٿو پوي، فن ۾ رنڊڪون وجهڻ تي ڏک ٿيو: ممتاز مولائي