تنقيد سان فرق نٿو پوي، فن ۾ رنڊڪون وجهڻ تي ڏک ٿيو: ممتاز مولائي

0
296

تنقيد سان فرق نٿو پوي، گائڪي ۾ رنڊڪون وجهن تي ڏک ٿيو: ممتاز مولائي

ڪراچي( شوبزنيوز)”هم سنڌ ۾ رهني والي سنڌي“ گاني سان مشهوري ماڻيندڙ گلوڪار ممتاز مولائي چوي ٿو ته جتي تعريف ٿيندي آهي، اتي ماڻهو تنقيد به ڪندا آهن پر مون کي ميمز ٺاهڻ ۽ تنقيد سان ڪو فرق نٿو پئي، ڇو ته مداح مون کي عزت ڏيندا آهن

پنهنجي گاني ۾ ممتاز مولائي سنڌ جي تهذيب کي اجاڳر ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ پَلي جو ذڪر به ڪيو،  هن چيو ته جيئن سنڌڙي انب سنڌ جي سڃاڻپ آهي، ائين ئي پلو به سنڌ جي سڃاڻپ آهي

ممتاز مولائي انڪشاف ڪيو ته اهو گانو ڪنهن ٻئي لکيو هو پر مان ان ۾ ترميم ڪئي. گاني جي پسنديدگي ۽ محبت ملڻ تي ممتاز مولائي پنهنجي مداحن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن منهنجي گلوڪاري جي رستي ۾ رنڊڪون وڌيون، جنهن جو مون کي ڏک ٿيندو آهي

هن چيو ته ماڻهن کي هڪ آرٽسٽ جي حالتن جي خبر ناهي هوندي، جڏهن هڪ آرٽسٽ اسٽيج تي ويندو آهي ته ڀلي ڪيترو به ڏکارو هجي، مُنهن تي مُرڪ رکي مداحن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي