ايندڙ وقت اسان جو آهي، اقتدار ۾ اچي پاڪستان مان مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا ختم ڪنداسين: نواز شريف

0
187
ايندڙ وقت اسان جو آهي، اقتدار ۾ اچي پاڪستان مان مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا ختم ڪنداسين: نواز شريف
ايندڙ وقت اسان جو آهي، اقتدار ۾ اچي پاڪستان مان مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا ختم ڪنداسين: نواز شريف

لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ جي قائد نواز شريف اليڪشن کانپوءِ جو پلان ٻڌائي ڇڏيو، نواز شريف چيو آهي ته ايندڙ وقت اسان جو آهي، اقتدار ۾ اچي پاڪستان مان مهانگائي ختم ڪنداسين

نواز ليگ جي ايندڙ حڪومت مسئلن تي جلد ضابطو آڻي وٺندي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان دبئي ۾ نواز ليگ امارات جي قيادت ملاقات ڪئي، ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

نواز شريف چيو ته پاڪستاني برادري جو ناڻو پاڪستان جي معيشت جو اهم جزو آهي، هن چيو ته ايندڙ وقت نواز ليگ جو آهي، نواز ليگ ئي سدائين ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍيو آهي هاڻ به ڪڍندي، ليگي عهديدارن جو چوڻ هو ته نواز شريف کي ٻيهر ملڪ جي قيادت سنڀاليندي ڏسڻ چاهيون ٿا، نواز شريف جون دبئي ۾ اهم سياسي ملاقاتون جاري آهن ايندڙ هفتي پيپلزپارٽي جي قيادت سان هڪ ٻي ملاقات ڪندو، ذريعن موجب استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻن به رابطا ڪري پنجاب جي سياست تي ڳالهيون ڪيون

مريم نوازبه نواز شريف سان گڏ موجود آهي، ذريعن موجب نواز شريف دوست ملڪن جي قيادت سان رابطا ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪاري جون ڪوششون به ڪيون پيون وڃن

ذريعن موجب نواز شريف جون اڄ ٻه خصوصي ملاقاتون طئي آهن جنهن کانپوءِ هو لنڊن ويندو، سڀاڻي لنڊن واپسي جو پلان آهي، جڏهن ته سعودي عرب ۾ عمرو ادا ڪرڻ جو معاملو به غور هيٺ آهي

ذريعن موجب نواز شريف جلد وطن واپسي لاءِ به صلاح مشورا جاري آهن، اليڪشن جي حتمي اعلان سان گڏ ئي نواز شريف وطن واپس ايندو، وطن واپسي جي حتمي تاريخن تي قانوني مشاورت جاري آهي

هي به پڙهندا

ملڪ جي معاشي نظام جي بهتري لاءِ صلاح مشورا، نواز شريف دبئي ۾ پنهنجي دوري جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي