ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ملازمن جون بدليون ۽ مقرريون، گھرو کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گھوٽڪي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مقرر اسٽينو گرافر ساجد گھانگھرو کي سکر بدلي ڪيو ويو، جڏهن ته سکر مان پگھار کڻندڙ اسٽينو گرافر شھزادو کي ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 18 ۾  مقرر ڪيو ويو آھي، ڪراچي عدالت نمبر 12 ۾ ڪم ڪندڙ اسٽينو گرافر حنيف ميمڻ کي بدلي ڪري رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسٽينو گرافر راشد علي کي ڪورٽ نمبر 6 مان بدلي ڪري ڪورٽ نمبر 7 ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته سنڌ جي مختلف عدالتن ۾ مقرر  اسٽينو گرافرز، پٽيوالا، ڊرائيورز ۽ چوڪيدارن سميت 47 ملازمن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، گھرو کاتي پاران ملازمن جي مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.