لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس وارداتن ۾ ملوث چئن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان موجب ضمير ولد رياض ڀٽو، ببلو عرف عنايت الله ڀٽو ولد امان الله ڀٽو، رجب شاهه عرف علي رضا شاهه ولد حاجن شاهه ۽ اجو عرف اياز ولد منظور ڀٽو کي گرفتار ڪيو آهي.جوابدارن وٽان واپاري محمد مٺل ڀٽو کان ڦر ڪيل روڪ رقم، واپاري غلام شبير جي دڪان تان ڦر ڪيل روڪ رقم، واپاري عامر حسين چاوڙو جي دوڪان تان ڦر ڪيل روڪ رقم، رپيٽر، پسٽل ۽ بئنڪ چيڪ هٿ ڪيا آهن.