قمبر ( رپورٽر) عوامي تحريڪ ضلعي قمبر جي ”سجاڳي مارچ“ تياري ڪاميٽي جي گڏجاڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنھن ۾ سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، مھراڻ سنڌي، عوامي تحريڪ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي صدر علي حسن وڪو،  محبوب راهوجو، سڪندر صنم جهنڊيل، جمال چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وسيلن جي وارثي، ڌارين جي آبادڪاري، مھانگائي، ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي، بوگس آدمشماري ۽ ڪوڙن ڊوميسائيلن تي ڌارين کي نوڪرين ڏيڻ واري عمل خلاف 27 جنوري تي قمبر جي جناح باغ کان سجاڳي مارچ جو قافلوروانو ٿيندو جيڪو پريس ڪلب لاڙڪاڻو پهچندو.