نواب ولي محمد (ن پ ا) سنڌ جو مشهور ملھه پهلوان عارف راهو بيماري سبب 65 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڳوٺ عارف راهو ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو ملھه پهلوان عارف راهو فالج ۽ شوگر جي بيماري ۾ مبتلا هو، سندس لاڏاڻي تي ملهه پهلوانن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.عارف راهو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مقابلن ۾ حصو وٺي سنڌ جو نالو روشن ڪيو، کيس ڪيترائي ايوارڊ به مليا. پهلوان هڪ سال کان بيماري سبب بستري ڀيڙو هو، پر ثقافت کاتي سندس ڪا به سار نه لڌي.