ٽوڪيو(اسپورٽس نيوز) جاپاني حڪومت چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ گهٽتائي نه آئي ته هلندڙ سال رٿيل اولمپڪس گيمز به ملتوي ڪري ڇڏينداسين. جاپاني ميڊيا موجب سياسي پارٽي جي اڳواڻ توشي هيرو نڪئي چيو ته اولمپڪس جي شروع ٿيڻ ۾ 100 کان گهٽ وقت بچيو آهي، پر جيڪڏهن ڪورونا ۽ نئين ڪيسن جي شرح ۾ اضافو ٿوي ته اسان اڳ ئي التوا جو شڪار ايونٽ کي وڌيڪ التوا ۾ رکنداسين.