اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آدمشماري ڪرائيندڙ کاتي جي سربراهه سنڌ حڪومت توڙي ايم ڪيو ايم جي نئين ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن تي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو، آدمشماري جا عبوري نتيجا جاري، ملڪ جي مجموعي طور تي آبادي وڌي 24 ڪروڙ 95 لک 66 هزار 743 تي پهچي وئي آهي، سنڌ صوبي جي آبادي ۾ هڪ ڪروڙ 77 هزار، خيبر پختونخوا جي آبادي ۾ 43 لک 21 هزار، بلوچستان جي آبادي ۾ 96 لک 42 هزار ۽ اسلام آباد جي آبادي ۾ 3 لک 56 هزار جو اضافو ظاهر ٿيو آهي تفصيل موجب ملڪ اندر آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو جي سربراهه نعيم ظفر چيو آهي ته گهر ۽ آدمشماري جي ڊيٽا جمع ڪرڻ جو ڪم اڄ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات ختم ٿي ويندو، آدمشماري جو نظام ويهجي وڃڻ جي ڪا شڪايت نه آئي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج آدمشماري جي ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي، آدمشماري لاءِ استعمال ٿيندڙ نظام شفاف آهي، جون جي ٽئين يا چوٿين هفتي ۾ نتيجا سي سي آءِ ۾ پيش ڪري ڇڏينداسين، هن چيو ته ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ 95 لک 66 هزار 743 ٿي وئي آهي،  2017ع جي آدمشماري دوران ملڪ جي ڪل آبادي 20 ڪروڙ 76 لک 84 هزار 626 هئي، ان حساب سان آبادي ۾ 4 ڪروڙ 18 لک 82 هزار 177 جي واڌ ظاهر ٿئي ٿي، هن ٻڌايو ته پنجاب جي آبادي 2023ع جي آدمشماري دوران وڌي 12 ڪروڙ 74 لک 74 هزار 802 تائين پهچي وئي آهي، 2017ع ۾ 10 ڪروڙ 99 لک 89 هزار 655 هئي، آبادي ۾ هڪ ڪروڙ 74 لک 85 هزار 147 جو اضافو ٿيو آهي، سنڌ صوبي ۾ آبادي وڌي  5 ڪروڙ 79 لک 31 هزار 907 ٿي وئي آهي، جيڪا 2017ع ۾ 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 آبادي ظاهر  ٿئي، يعني هڪ ڪروڙ 77 هزار 397 جو اضافو ٿيو آهي، بلوچستان جي آبادي وڌي 2 ڪروڙ 19 لک 77 هزار 474 ٿي وئي آهي، جيڪا 2017ع ۾ هڪ ڪروڙ 23 لک 35 هزار 129 ظاهر ٿي هئي، يعني 96 لک 42 هزار 345 ڄڻن جو اضافو ٿيو آهي، خيبر پختونخوا جي آبادي وڌي 3 ڪروڙ 98 لک 23 هزار 138 ٿي وئي آهي، 2017ع ۾ 3 ڪروڙ 55 لک هڪ هزار 964 هئي، يعني 43 لک 21 هزار 174 ڄڻن جو اضافو ظاهر ٿيو آهي،  جڏهن ته اسلام آباد جي آبادي ۾ 3 لک 56 هزار 54 جو اضافو ٿيو آهي، آبادي وڌي  23 لک 59 هزار 422 ٿي وئي آهي، هن چيو ته هي انگ اکر عبوري آهن مڪمل ڊيٽا جي ڪليڪشن کان پوءِ حتمي انگ اکر جاري ڪيا ويندا، هن چيو ته آدمشماري جي عمل ۾ 2 لک کان وڌيڪ شڪايتون وصول ٿيون آهن، وقت سر ازالي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪيو، شماريات بيورو جي سربراهه چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ٻين جا آدمشماري جي عمل تي اعتراض سياسي آهن، هن چيو ته ٿيل آدمشماري جي 92 کان 93 سيڪڙو انگن اکرن تي ڪنهن کي اعتراض نه آهن، سنڌ ۾ شهري آبادي جي انگن اکرن تي اعتراض آهن جيڪي اعتراض سياسي نوعيت جا آهن، 2017ع جي آدمشماري کي به تسليم نه ڪيو ويو هو، ان ڪري 10 سالن بجاءِ 5 سالن کان پوءِ ٻي آدمشماري ڪئي وئي آهي، اسيمبلين جي سيٽن جي ڪري اعتراض اٿاريا پيا وڃن، ووٽ سان شماريات کاتي جو سڌو سنئون ڪو تعلق ناهي. هن چيو ته گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ به آدمشماري ڪئي وئي آهي، خيبر پختونخوا جي ڪوهستان جي ٽن ضلعن  کي اڃا تائين نه ڳڻيو ويو آهي، ٽنهي ضلعن سميت ڪجهه ٻين هنڌن تي برف باري سبب دير ٿي هئي، مجموعي طور تي 173 بلاڪس آهن جتان اڃا انگ اکر اچڻا آهن،