راولپنڊي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير 25  مئي تي يومِ تڪريمِ شهداءِ پاڪستان ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هن فوجي ملڪيتن، يادگارن ۽ شهيدن جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ حملن کي انتهائي افسوس جوڳو قرار ڏيندي ۽ چيو ته اهي حملا ۽ واقعا برداشت نه ٿيڻ جوڳا آهن. پاج فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، جنرل هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ شهيدن ۽ غازين جي اعزاز ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب ٿي گذري جنهن ۾ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. آرمي چيف طرفان آپريشنز دوران شاندار خدمتن تي آفيسرن ۽ جوانن کي اعزازن سان نوازيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، 51 آفيسرن کي ستاره امتياز ( ملٽري )، 22 آفيسرن  ۽ جوانن کي تمغهِ بسالت سان نوازيو ويو جڏهن ٻن جوانن کي گڏيل قومن جي خاص ميڊلز سان نوازيو ويو .ان موقعي تي آرمي چيف عاصم منير جو چوڻ هو ته شهيدن جي فرض شناسي ۽ عظيم قربانين جي ڪري اسان آزاد فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون ، شهيدن جون قربانيون ۽ غازين جون خدمتون اسان جو املهه اثاثو ۽ سرمايو آهن. هن چيو ته پاڪ فوج اداري طور پنهنجي هر فرد ۽ ان جي پونئيرن کي سدائين ياد رکي ٿو. آرمي چيف 25 مئي تي يومِ تڪريم شهدائي پاڪستان ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هر سپاهي تعصب ۽ امتيازن کان مٿانهون ٿي پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين کي اهميت ڏئي ٿو، مضبوط فوج مُلڪ جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي. جنرل عاصم منير نوَ مئي واري ڏينهن فوجي ملڪيتن، يادگارن ۽ شهيدن جي حرمتن تي حملن کي انتهائي افسوس جوڳو قرار ڏنو ۽ چيوته اهي ناقابل برداشت آهن.