سنڌ بجيٽ ۽ گورننس جو سوال

0
461

اڱاري ڏينهن سنڌ جي وزيراعلي سنڌ اسيمبليءَ ۾ 14 کرب 77 ارب رپين جي ايندڙ مالي سال 22-2021ع جي کوٽ جي بجيٽ مخالف ڌر جي گوڙ ۽ شور ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ خرچن جو ڪاٿو آمدني کان25 ارب رپيا وڌيڪ آهي. اسيمبليءَ جو ماحول ڪنهن گهٽيءَ ۾ سياسي مظاهري جو منظر پيش ڪري رهيو هو، جنهن ۾ قانون جوڙيندڙ پلي ڪارڊ کڻي نعرا بلند ڪري رهيا هئا ۽ سيد مراد علي شاھ وڏي آواز ۾ انگريزي ۾ انگ اکر پيش ڪري رهيو هو. قومي اسيمبلي کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۽ جمعي تي بلوچستان اسيمبلي ۾ به بجيٽ اجلاس ۾ ساڳي بلڪه بدترين ڪارگذاري ڪئي وئي، جنهن سان چونڊيل نمائندن بابت عام تاثر خراب ٿي رهيو آهي. هڪٻئي پويان ٽنهي اسيمبلين ۾ ماحول خراب ڪرڻ ڪو اتفاقي واقعو نٿو لڳي. ٻين مقصدن سان گڏوگڏ هڪ وڏو مقصد اهو ٿي سگهي ٿو ته انهن گڏجاڻين ۾ بجيٽ جهڙي اهم اسم تي ڪو معنيٰ خيز بحث مباحثو نه ڪري سگهجي. مخالف ڌر به بحث دوران ڪو اهم اعتراض ۽ ان جو حل پيش ڪرڻ بجاءِ روايتي جملن جو سهارو وٺندي رهي آهي.
سنڌ بجيٽ ۾ آمدني جو وڏو حصو اين ايف سي تحت ملندڙ وفاقي حصي ۽ گرانٽن جو آهي جنهن جو ڪاٿو 8 کرب 85 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. جنهن ۾ 50 ارب سڌيون منتقليون ۽ 15 ارب وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ حصو آهي. ياد رهي ته هڪ کرب ۾ 100 ارب ٿين ٿا. گذريل سال جي بجيٽ ۾ وفاق کان ملندڙ آمدنيءَ جو ڪاٿو 7 کرب 75 ارب رپيا لڳايو ويو هو، جنهن مان بجيٽ ڪاغذن موجب 50 ارب گهٽ مليا حالانڪه وفاق جي ٽيڪس آمدني ۾ رڪارڊ واڌ آئي آهي. سنڌ سرڪار جي پنهنجي سڌي آمدني جو ڪاٿو 3 کرب 29 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ هڪ کرب 50 ارب سنڌ سروس ٽيڪس ۽ هڪ کرب 55 ارب ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جي اوڳاڙي شامل آهي، جنهن جي مک آمدني ۾ اسٽيمپ ڊيوٽي، شراب، گاڏين تي ٽيڪس شامل آهي. جڏهن ته باقي 24 ارب نان ٽيڪس آمدني آهي.
خرچن ۾ 10 کرب 89 ارب غير ترقياتي خرچ جڏهن ته 3 کرب 29 ارب ترقياتي خرچ لاءِ رکيا ويا آهن پر هلندڙ سال به 2 کرب 32 ارب رپيا ترقياتي پروگرام لاءِ رکيا ويا هئا پر بعد ۾ انهن تي نظرثاني ڪري اهي هڪ کرب 60 ارب ڪيا ويا پر مشڪل سان جون ختم ٿيڻ تائين هڪ کرب 13 ارب خرچ ٿي سگهندا. جڏهن ته آمدني جو وڏو حصو غير ترقياتي خرچن حوالي ٿي ويندو جن ۾ سڀ کان وڏو اسم ملازمن جي پگهارن تي ايندڙ خرچ آهي جنهن جو ڪاٿو 4 کرب 66 ارب رپيا آهي ۽ هڪ کرب 60 ارب رٽائرمينٽ بينيفٽ تي ايندڙ خرچ ان کان الڳ آهي. 25 ارب ورتل قرضن تي وياج جي خرچ لاءِ رکيا ويا آهن جڏهن ته 32 ارب مرمت لاءِ رکيا ويا آهن. سنڌ سرڪار مٿان هن وقت 5 کرب رپين جا سڌا قرض آهن. غير ترقياتي بجيٽ جو وڏو حصو جنرل ائڊمن 3 کرب 10 ارب، تعليم 2 کرب 27 ارب، صحت هڪ کرب 75 ارب، پوليس ۽ امن امان هڪ کرب 40 ارب ، مڪاني کاتو 82 ارب، عدالتون 17 ارب ۽ ماحوليات تي سوا ارب رکيل آهي.
سنڌ مان وفاق کي پنهنجي آمدني جو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ملي ٿو. جنهن ۾ هوائي ۽ سامونڊي بندر، بينڪن، انشورنس، فون ڪمپنين، صنعت، تيل، گئس، ڪپھه، ڪڻڪ، کنڊ، چانور، واپار وغيره تي لڳندڙ ٽيڪس شامل آهن. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي، جيڪا ملڪ جي به معاشي گادي آهي، وڌندڙ آبادي جي دٻاءُ هيٺ آهي جنهن ۾ هڪ وڏو تعداد ٻين صوبن جي ماڻهن جو آهي پر پاڻي، گئس، خزاني ۽ ٻين معاملن ۾ سنڌ کي جائز حصو نٿو ملي. ڪراچي ميگا سٽي هئڻ باوجود اتي ڪو ميٽرو ميگا ٽرانسپورٽ جو نظام ناهي جيڪو لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور جي شهرن جي زينت بنجي چڪو آهي ۽ عام ماڻهن کي آرامده ۽ سستي سفر جي سهوليت ملي ٿي. هتي پاڻي به ٽينڪرن وسيلي ملي ٿو. ڪراچي جا ٻه بندر سڄي ملڪ لاءِ راهداري جو وات آهن پر ان هوندي به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي تقريبا سڀني روڊن تي موٽر وي ٺهي ويا آهن پر ڪراچي کان سکر، جتي سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ آهي، اڃا ڪو موٽر وي ٺهي نه سگهيو آهي. ساڳيو حال انڊس هاءِ وي جي ڄامشورو سيوهڻ روڊ جي 128 ڪلوميٽر سيڪشن جو آهي، جيڪو بين الصوبائي روڊ هوندي قانون جي ابتڙ اڌ رقم سنڌ ڏئي چڪو آهي پر پوءِ به ڪم کي اڌ ۾ بند ڪيو ويو آهي ۽ ٽول ٽيڪس بدستور وفاقي ادارا اوڳاڙي رهيا آهن. اهو ئي حال مين ريلوي لائين جو آهي جتي ٽنڊو آدم کان رحيم يار خان تائين سکر ڊويزن جي سيڪشن جي بدترين حالت تي ڪو به ڌيان نه ڏيڻ سبب روز بروز حادثا ٿي رهيا آهن. سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ان پٽڙي توڙي روڊن وسيلي گهڻي کان گهڻا مسافر ۽ مال وڏي صوبي ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ سندن ئي گهڻي ۾ گهڻو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي پر ڪند نظري سبب سنڌ اندر سيڙپڪاري نه پئي ڪئي وڃي. ميڊيڪل انشورنس به فقط ٻن صوبن ۾ وفاق پاران شروع ڪئي وئي آهي. ان ڪري ماڻهو اهو سوچڻ ۾ حق بجانب آهن ته آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ پر ماڻهن کي وڌيڪ معاشي نقصان پهچائڻ لاءِ مختلف ادارن وسيلي غير آئيني بادشاهي فرمان جاري ڪيا پيا وڃن، جيئن ماڻهو پريشاني مان نڪري ئي نه سگهن ۽ انهن سوالن بابت سوچڻ بجاءِ نون مسئلن ۾ رڌل رهن.
2010ع کانپوءِ ٻن اين يف سي ايوارڊن بابت ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. آخري اين ايف سي ايوارڊ کي به غير موثر ڪرڻ لاءِ صوبن جي سرپلس کي به وفاق پنهنجي آمدني ۾ ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ جو حصو سڀني صوبن کان گهٽ آهي. تازو سي سي آءِ جي گڏجاڻي ۾ سيد مراد علي شاھ احتجاج ڪيو پر عمران خان کيس اهو چئي چپ ڪرائي ڇڏيو ته هو سدائين شڪايتون ڪندو رهندو آهي.
سنڌ جي ڪمزور آواز ۽ اثر جو هڪ سبب سنڌ جي آواز ۾ يڪجهتي جي کوٽ آهي. مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن وچ ۾ اصلي توڙي نقلي نفاق سبب سنڌ جو آواز ڪمزور آهي. جڏهن وسيلن وڌائڻ جي ڳالھه ڪئي ٿي وڃي تڏهن ڪرپشن جي شڪايت سبب اهو آواز ڪمزور ٿي رهيو آهي جنهن جو بهانو بنائي تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي تالو لڳايو ويو آهي ۽ سنڌ ۾ گزيٽيڊ آفيسرن جي ڀرتي رڪجي وئي آهي جنهن نوجوانن ۾ مايوسي ڦهلائي ڇڏي آهي. سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جو اعلان ڪيو هو پر ان سلسلي ۾ ڪا پيشقدمي نظر نه ٿي اچي. شايد تازي ڪرت سبب هو ڪنهن خاص وقت جو انتظار ڪري رهيا آهن. پر سڀ کان اهم ڳالھه اها آهي ته گذريل 13 سالن کان سنڌ اندر پيپلز پارٽي جي حڪمراني ۾ ڪجھه بهتري هوندي به اها ماڻهن جي خواهشن تي پوري نه لٿي آهي پر سنڌ جي پارلياماني سياست ۾ هڪ هٽي هجڻ سبب ۽ مقابلي ۾ ڪو به بهتر متبادل نه هئڻ سبب ائين لڳي رهيو آهي ته کيس سنڌ جي ماڻهن جي ڪا پرواھ ناهي. پيپلز پارٽي گذريل اٺن سالن ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ٻين صوبن ۾ڪا بهتر ڪاميابي حاصل ڪري ناهي سگهي. ٻين صوبن ۾ تازو ٿيندڙ ننڍين چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ نون ليگ جي وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي ۽ مبصرن جو خيال آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ تائين محدود ٿي رهي آهي ۽ ٻين صوبن ۾ ٻن پارٽين جو نظام پاڙون پڪيون ڪري رهيو آهي. سنڌ جي گهڻ گهرن کي سمجهڻ گهرجي ته اهو فقط پيپلز پارٽي جو نه پر سنڌ جو به نقصان آهي. ڇوته سنڌ کي تڏهن وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي جڏهن سنڌ سان گڏ وفاق ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪار هوندي آهي.
سيلز ۽ مارڪيتنگ ۾ جڏهن مقابلي بازي ختم ٿي ويندي آهي تڏهن گراهڪ پنهنجي خواهشن جي ابتڙ ڪنهن هڪ پراڊڪٽ کي وٺڻ لاءِ تيستائين مجبور ٿيندا آهن جيستائين ڪو متبادل نه ايندو آهي. سنڌ ۾ متبادل پئدا ٿيندا رهيا آهن پر اهي نه فقط جٽاءُ نه ڪري سگهيا آهن پر بهتر پراڊڪٽ پڻ ڏيئي نه سگهيا آهن. نسلي انجنيئرنگ کين وڌيڪ بند گهٽي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن مان نڪرڻ کين خطرن کان خالي نٿو لڳي. عوام جي گڏيل سمجھه تڪيل توريل هوندي آهي ۽ سندن ڏاهپ پويان دورانديشي کي سمجهڻ ۾ ڪنهن کي ڪا ڀل نه ڪرڻ گهرجي. عوام روايتي زنده باد مرده باد جي سياست کان بيزار ٿي رهيو آهي. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سنڌ جي حڪومت جنهن کي عوام چونڊي اقتدار ۾ آندو آهي سا پنهنجي ڪارڪردگي ۾ شفافيت آڻي کين منجهيل مسئلن بابت نه فقط آگاھ ڪري پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ روايتي گورننس جي طريقن کي خيرباد چئي جديد طريقن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. سنڌ جي گهڻ گهرن کي ٻه دائرا ٺاهڻ گهرجن جن وچ ۾ پنهنجيون سرگرميون ڪرڻ گهرجن. ٻاهريون دائرو آمريت کان بچاءُ جو دائرو هجي جنهن مان نڪرڻ نه گهرجي ۽ اندرئين دائري ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. آمريت جو سڌو يا اڻسڌو خطرو هميشه رهي ٿو، جنهن کان بچندي چونڊيل حڪومتن جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ بهتر متبادل لاءِ جدوجهد ڪرڻ تمام اهم آهي.