ٽنڊو جان محمد (ن پ ا) ٽنڊوجان محمد ۾ شاعر مرحوم سيف الله خالد يوسفاڻي پلي جي ياد ۾ سرهاڻ ادبي سنگت پاران ياد سيف الله جي نالي سان ادبي مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت الهبچايو مشتاق آريسر ڪئي ۽ مهمان خاص مير اعجاز ٽالپر ھو، ان موقعي تي ڊاڪٽر اسد جمال پلي خطاب ڪندي چيو اسان وٽ ٽي شيون وڏيون آھن، ھڪ آھي اسان جي سنڌ ۽ ان جي جاگرافي، ٻيو آھي سنڌي ٻولي  ۽ ٽيون آھي اسان وٽ ڀٽائي، ان شين کان اسان غافل نه ٿيون، ان تي سوچيندا رھون، اگر اسان جي جاگرافي سان ھٿ چراند ٿئي ٿي ته ان تي رڙ ڪرڻي آھي، احتجاج ڪرڻو آهي، ھي ھڪڙوئي صوبو آهي، اھا ڳالھه بار بار ورجائڻي آھي، جئين اسان جي جاگرافي سان ھٿ چراند ڪرڻ وارا ماٺ ڪري ويهي رھن، سنڌ جاگرافي طور تي ملڪ آھي، اسان جي وڏن صوبي جي حيثيت سان ملڪ جو حصو ٺاھيو آھي، ان ۾ اھڙو ڪو به شرط شامل ڪونھي ته ھن مان صوبا ٺاھينداسين، ٻيو وري ھڪڙي نئين مشڪري پئي ھلي ته سنڌ ۾ رھندڙ 6 مھينن واري کي ڊوميسائل ڏيئي ڇڏيو اسان ان ڊوميسائل کي قبول ڪونه ڪنداسين.