شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ويجهو ڳوٺ گل خان خاصخيلي واسي ڪينسر جي مريض پورهيت سليمان خاصخيلي سرڪار ۽ سرندي وارن کي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي، هن ٻڌايو ته 6 سالن کان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙي رهيو آهيان، ڌجنهن ڪري مزدوري کان به ويهجي ويو آهيان، پيرسن امڙ ۽ ننڍن ڀائرن جي ڪفالت ڪرڻ انتهائي مشڪل بڻجي ويو آهي، هن ٻڌايو ته سرندي وارن مرض کان بچاءُ لاءِ سرندي وارن 40 -40 هزار رپين واريون 2 انجيڪشنز لڳرايا آهن، وڌيڪ ٻه انجيڪنشنز گهربل آهن، جنهن بعد آپريشن ڪيو ويندو، هن چيو ته کيس انجيڪشن لڳرائڻ جي سگهه ناهي، هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي.