ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ويجهو ڳوٺ مير حيدر ٽالپر جي ڳوٺاڻن برسات متاثرن جي واهر نه ڪرڻ تي احتجاج طور پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڄاڻايل ڳوٺ پهتو پوليو ٽيم واپس موٽي آئي، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن شاھنواز چانڊيو، رحمت الله چانڊيو، مولابخش چانڊيو، قربان بروھي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته گذريل برساتي ٻوڏ ۾ چونڊيل نمائندن ۽ ضلعا انتظاميا اسان غريبن جي ڪا به سار نه لڌي، هنن چيو ته برسات ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وڌڻ جو اطلاع ڏيڻ باوجود تدارڪ نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪا ميڊيڪل ٽيم اماڻي وئي، جنهن ڪري گيسٽرو ۽ مليريا وگهي اسان جا چار ماڻھو فوت ٿي ويا، هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي سروي لاءِ آيل اين جي اوز جي ٽيم کي اسان جي ڳوٺ اچڻ کان روڪيو ويو، جڏهن ته پوليو جون ٽيمون ڳوٺ ۾ پھچي وڃن ٿيو، هنن چيو ته ھاڻي جيستائين اسان جي ڳوٺ جا جائز مسئلا حل نه ڪيا ويندا، تيستائين پوليو جو بائيڪاٽ رهندو.