ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي انتظاميا سمنڊ ۾ وهنجڻ تي 15 سيپٽمبر تائين پابندي هڻي ڇڏي، قلم 144 لاڳو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي ڪمشنر نويد شيخ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڄاڻايو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي شهري وڏي انگ ۾تفريح لاءِ سمنڊ جو رخ ڪندا آهن. چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي ۽ سمنڊ ۾ چاڙهه کي نظر ۾رکندي 2 مهينن لاءِ پابندي لڳائي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب سمنڊ ڪناري تي وهنجڻ تي پابندي لڳائڻ جو مقصد سمنڊ ۾سياحن کي ٻڏڻ جي ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچائڻ ۽ سندن زندگين کي محفوظ بڻائڻ آهي. ڪمشنر شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي سمنڊ ڪناري تي وڃڻ کان پاسو ڪن، نوٽيفڪيشن ۾وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايس ايس پيز قلم 144 تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين.