ميان صاحب ويجهو پراڻي تڪرار تان ٻه ڄڻا مارجي ويا

0
343

ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ويجهو پراڻي تڪرار تان ٻه ڄڻا مارجي ويا، ڳوٺ اوٺي پير جي ڪلر برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ نينگر اسماعيل ڪلر ۽ نوجوان الياس ڪلر مارجي ويا، جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، واقعي جي اطلاع تي پوليس عبدالوهاب ڪلر جي گهر تي چڙهائي ڪري الله بخش ۽ نديم ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.