ڪابل (م ڊ) ڪابل ۾ صدارتي محل ڀرسان عيد نماز جي ادائگي دوران راڪيٽ حملو، حملي دوران 2 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، ان باوجود صدارتي محل ۾ عيد نماز جاري رهي، نماز دوران افغان صدر اشرف غني به موجود هو، عيد نماز بعد پنهنجي خطاب ۾ افغان صدر چيو آهي ته هي عيد افغان فوج جي قربانين ۽ بهادريءَ جي نانءُ ڪريون ٿا، ملڪ ۾ مليشيا ۽ آمريت لاءِ ڪا به جاءِ نه آهي، طالبان ظاهر ڪيو ته هو امن جي خواهش نه ٿا رکن، اسان به اِن ئي بنياد تي فيصلا ڪنداسين. هوڏانهن داعش حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.