مڪو شريف (م ڊ) سعودي عرب ۾ حاجي سڳورا وقوف عرفه ۽ مزدلفه ۾ رات گذارڻ کان پوءِ منيٰ پهچي عيد نماز ادا ڪئي ۽ قرباني ڪرڻ بعد احرام کولي ڇڏيو. عيدالاضحيٰ جي پهرين ڏينهن حاجي سڳورن رمي ڪئي ۽ شيطان کي پٿريون هنيون. رمي کان پوءِ حاجي سڳورا عبادت ۾ وقت گذاريندا رهيا. عيد نماز جي ادائگي بعد قرباني ڪئي وئي ۽ ان کان پوءِ حاجي سڳورا مٿو ڪوڙائي احرام جي حالت مان نڪري آيا ۽ طواف جي زيارت کان پوءِ رات منيٰ ۾ گذاري. واضح رهي ته گذريل سال جيان هن سال به عالمي ڪورونا وبا سبب محدود پيماني تي صرف 60 هزار ماڻهو حج جو فرض ادا ڪيو جن ۾ سعودي شهري ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ پرڏيهي شامل آهن. خاص انتظامن جي تحت رمي جمرات جي لاءِ سعودي حج واري وزارت طرفان حاجين کي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند جراثيم کان پاڪ پٿريون ڏنيون ويون. ان کان علاوه شيطان کي پٿريون هڻڻ دوران به سماجي وٿي سميت ٻين احتياطي تدبيرن جو خيال رکيو ويو.